ايراني سرڪاري ٽي وي پريس ٽي وي موجب ڏاکڻي ايران جي ڪيترن ئي علائقن مان ڌماڪن جون خبرون مليون آهن.
ايراني ميڊيا موجب قشم ٻيٽ ۾ شهر اندر ٽي ڌماڪا ٻڌا ويا.
مقامي رهواسين جو چوڻ آهي ته هڪ ميزائل رهائشي علائقي ۾ ڪري پيو، جڏهن ته جاني نقصان بابت فوري طور ڪا ڄاڻ سامهون ناهي آئي.
بوشهر صوبي، جتي ايران جو واحد ايٽمي بجلي گهر موجود آهي، اتي به ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا.
ان کانسواءِ بندر عباس، ابو موسيٰ، ڪيش ۽ قشم ٻيٽن مان پڻ ڌماڪن جون خبرون مليون آهن.