آمريڪا، ايران تي هوائي حملا شروع ڪري ڇڏيا

آمريڪا ايران خلاف هوائي حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن.

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجن تي حملن جي جواب ۾ ايران خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

آمريڪي ميڊيا موجب هڪ سينيئر آمريڪي عملدار دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي فوج ايران اندر مختلف هدفن کي نشانو بڻائي رهي آهي.

ايراني خبرون ڏيندڙ اداري موجب ايران جي ڏاکڻين علائقن مان ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا.

واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڳ ئي اردن ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي ايراني حملن جو سخت جواب ڏيڻ جي ڌمڪي ڏني هئي ۽ چيو هو ته ايران جا ميزائل منٽن اندر ڪيرايا ويا ۽ ان حملي جو سخت جواب ڏنو ويندو.

You might also like