ايران جا فائر ڪيل 5 ميزائل ڪيرائي ڇڏيا: اردن جي دعويٰ

اردن جي هٿياربند فوج چيو آهي ته سندس هوائي بچاءَ واري نظام ايران مان فائر ڪيل پنج ميزائل اردن جي هوائي حدن اندر تباهه ڪري ڇڏيا.

فوج موجب سڀئي ميزائل ڪاميابي سان نشانو بڻايا ويا ۽ هيل تائين ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته اردن جون فوجون هاءِ الرٽ ۽ ملڪ توڙي شهرين جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ لاءِ تيار آهن.

You might also like