جمهوريت رڳو چونڊن تائين محدود ناهي، آزاد صحافت لازمي آهي

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج ۽ سنڌ جي اڳوڻي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته جمهوريت رڳو چونڊن جو نالو نه، پر هڪ شعوري ۽ سياسي تسلسل آهي، جنهن جي بقا لاءِ آزاد صحافت لازمي آهي.ڪراچي پريس ڪلب ۾ "پريس جي آزادي ۽ ميڊيا کي درپيش چئلينجن” جي عنوان سان هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن مطالبو ڪيو ته حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارا ميڊيا انڊسٽري ۾ بيروزگاري، پگهارن جي عدم ادائيگي ۽ سينسرشپ جي خاتمي لاءِ فوري ۽ عملي قدم کڻن، جيئن ملڪ ۾ آزاد صحافت جو ماحول بحال ٿي سگهي.سيمينار جي ميزباني بزرگ صحافي ۽ انساني حقن جي اڳواڻ حسين نقي ڪئي، جڏهن ته ڪراچي يونين آف جرنلسٽس جي اڳواڻ طاهر حسن خان، پروفيسر رياض شيخ، سينيئر صحافي توصيف احمد، هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) جي وائيس چيئرمين اسد بٽ ۽ سينيئر صحافي مظهر عباس پڻ خطاب ڪيو.سيمينار جا خاص مهمان سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جج ۽ سنڌ جو اڳوڻا نگران وڏا وزير جسٽس (ر) مقبول باقر هو.مقررن پاڪستان ۾ صحافت کي درپيش سنگين مسئلن، اظهارِ راءِ جي آزادي تي پابندين ۽ ميڊيا ورڪرن کي پيش معاشي بحران تي تفصيلي روشني وڌي.نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري ناصر منصور چيو ته اظهارِ راءِ جي آزادي جي جدوجهد صحافين لاءِ ٻيڻي جنگ جي حيثيت رکي ٿي.سيمينار جي صدر حسين نقي چيو ته جيڪڏهن شاگردن ۾ قيادت جي صلاحيتن کي هٿي ڏني وڃي ته ئي قومي سطح جا سياسي اڳواڻ پيدا ٿي سگهن ٿا.جسٽس (ر) مقبول باقر پنهنجي خطاب ۾ زور ڏيندي چيو ته جمهوريت صرف چونڊن تائين محدود ناهي، پر اها هڪ مسلسل سياسي ۽ شعوري عمل جو نالو آهي، ۽ اهڙي جمهوريت لاءِ آزاد ۽ خودمختيار صحافت بنيادي ضرورت آهي.

You might also like