آمريڪا-ايران جنگ عالمي امن لاءِ وڏو چيئلنج

مجاهد چنا

 ايران جنگ نه رڳو عالمي امن لاءِ چيئلنج بڻجي وئي آهي، پر ان ويڙهه سڄي دنيا جو ڄڻ ته ساهه به مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي ڇو ته آمريڪا- ايران جنگ سان  پئٽرول جا اگهه وڌي ويا آهن جنهن ڪري ٽرانسپورٽ سميت کاڌ خوراڪ جي شين جا اگهه به آسمان سان وڃي لڳا آهن. اٽو، کير، چانور، ميوا، ڀاڄيون عام ماڻهو جي پهچ کان پري ٿيندوين پيون وڃن. انڪري ان جنگ عام ماڻهو جو عزت سان رهڻ به مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ جنگيون ھميشه دنيا ۾ تباھي ۽ انسانيت لاءِ کوڙ ساريون مشڪلاتن جو سبب بڻجنديون آھن.هي سٽون لکندي جنگ بندي باوجود آمريڪا-ايران جا هڪ ٻئي تي خونخوار حملا جاري آهن. ڪڏھن ان ۾ وري ٺاپر  به اچي ويندي آهي

 جيتوڻيڪ تجزيه نگار هاڻوڪي آمريڪي صدر ٽرمپ کي هڪ ناقابل اعتبار ماڻهو چئي چڪا هئا تنهن هوندي به هر جهيڙي کي ڳالهين ذريعي ٽاري سگهجي ٿو. پاڪستان جي ثالثي ڪردار تي ايران اعتبار ڪيو، پر آمريڪا وري به پنهنجي هوڏ تي قائم آهي. ٻئي ملڪ هڪٻئي جو وڏي پيماني تي جاني توڙي مالي نقصان ڪري رهيا آهن. آمريڪا ايران کي سبق سيکارڻ ۽ پٿر جي دور ۾ موڪلڻ جون ڌمڪيون جڏهن ته ايران دنيا ۾ آمريڪا جي هڪ هٽي ختم ڪرڻ سان گڏو گڏ عرب ملڪن مان ٿيندڙ حملن جي مذمت ڪندي چتاءُ ڏنو آهي ته ايران جي سرزمين تي جتان جتان حملا ٿيا انهن ملڪن مٿان جوابي حملا ڪرڻ ايران جو حَق آهي. جيڪڏهن عرب ملڪ ڪرائي جي قاتل بڻجڻ جو ڪردار ادا ڪندا رهيا ته ايران انهن کي ” اُٺن واري دور“ ۾ پهچائي ڇڏيندو. پاسداران انقلاب ھاڻوڪن حملن ۾ آمريڪا جا 200فوجي مارڻ، 11جنگي جھاڙ توڙي 17ڊرون ڪرائڻ جي دعوا پڻ ڪئي آھي.

چوندا آهن ته ”آمريڪا جي دوستي سٺي نه ئي دشمنيءَ چڱي“  تاريخ شاھد آھي ته هو ڪنهن سان وفا نه، پر پنهنجي مفادن جو اسير رهيو آهي. غزه، ڪشمير، افغانستان ۽ عراق کان ويندي ايران تائين ان جي مسلم دشمني کليل رهي آهي. دهشتگردي جي جنگ جي خاتمي جي نالي تي پاڪستان ان جو ساٿ ڏنو، پر ان جو خيمازو اڄ به پاڪستان بُک، بدحالي، معيشت جي تباهي ۽ دهشتگردي جي صورت ۾ ڀوڳي رهيو آهي. آمريڪي سامراج جڏهن  پنهنجي نيٽو لشڪر سميت افغانستان مان واپس ويو ته پاڪستان کان پُڇا به ڪونه ڪيائين. آمريڪا هميشه هر معاملي ۾ ڊگهي رٿابندي ڪندو آهي، هن سڀ کان پهرين ايران انقلاب کي شيعه انقلاب چئي شيعا- سني فساد ڀڙڪائڻ لاءِ اربين ڊالر خرچ ڪيا، پر کيس ناڪامي ٿي. وري ايران جي مضبوطي کي ڏسندي وچ اوڀر جي عرب ملڪن کي ڀڙڪايو ته ” ايران ايٽمي طاقت بڻجي اوهان تي حملا ۽ قبضو ڪندو، ان ڪري توهان پنهنجو دفاع مضبوط ڪريو ۽ اسان کي پنهنجي ملڪن ۾ اڏا ڏيو، اسان جي فوج جو خرچ ڀريو ته اسان اوهان جو دفاع  ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.“ اهڙي طرح هو عرب ملڪن جهڙوڪ ڪويت، بحرين، متحده عرب امارات، سعودي عرب، اُردن، شام ۽ عراق ۾ نه رڳو فوجي اڏا قائم ڪيا، بلڪه سندن قدرتي وسيلن تي به ڪنٽرول ڪريو ويٺو آهي ان سان گڏ هو انهن جنگي اڏن ذريعي ايران ۽ پاڪستان سميت مسلمان ملڪن تي حملا ڪرڻ ۾ استعمال ڪري رهيو آهي.

 ايران جي جوابي ڪاروائي ۾ توڙي آمريڪا جي حملن ۾ ٻنهي صورتن ۾ مسلمانن جو ئي نقصان ٿي رهيو آهي. هن سازش ۾ هو ڪامياب ٿيندي نظر اچي ٿو. عرب ملڪن کي به هاڻي سوچڻ گهرجي ته جن آمريڪي هُشين تي هنن ايران خلاف نفرت توڙي حفاظتي تدبير طور آمريڪا سامراج کي پنهنجي ملڪن ۾ فوجي اڏا فراهم ڪيا انهن جي ڪنهن به ڪم ڪونه آيا، نه ئي اُهي اڏا ايراني حملن کي روڪي سگهيا بلڪه الٽو سندن ملڪن ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن جي ڪري هنن جو وجود ئي خطري ۾ پئجي ويو آهي. ٻئي طرف سڄي دنيا ۾ پنهنجي سفارتي محاذ تي ڪاميابيون ماڻڻ ۾ مصروف ملڪ ايران هاڻوڪي ويڙهه ۾ مخبرن لاءِ محفوظ ملڪ ثابت ٿيو آهي. ڪيترائي جنرل توڙي ايران جي اهم ادارن ۾ موجود ماڻهو دشمن جا مخبر نڪتا ايستائين جو ايران جي اڳوڻي صدر احمدي نجاد تي به اسرائيلي مخبر هجڻ جا الزام لڳا آهن. ان مان اندازو لڳايو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جون ڳجهيون ايجنسيون پنهنجي مفادن لاءِ مسلمانن خلاف سازشن ۾ ڪهڙي طرح مصروف ۽ چالاڪ آهن.

آمريڪا هميشه پنهنجي مفادن توڙي وچ اوڀر جي ملڪن ۾ تيل سميت قدرتي دولت کي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ سازشون سٽيون آهن. اُٺ چاريندڙ عرب اڄ جيڪڏهن عيش ۽ عشرت واري زندگي گذاري رهيا آهن ته ان جي پٺِان تيل جي دولت آهي. خود ايران پڻ تيل ۽ گيس جي دولت سان مالا مال آهي. جڏهن ته آمريڪا جو گهڻو تڻو وڻج واپار تيل ۽ هٿيار سازي آهي. جنگ هلندي ته آمريڪا جو ڪاروبار به هلندو. انڪري هو نه چاهيندو ته ڪٿي امن ٿئي يا مسلمان ملڪ ترقي ڪن. ميڊيا رپورٽن موجب ٻنھي ملڪن وقتي طور جنگ روڪي ڇڏي آھي. سفارتي ڪوششون  به جاري آھن. پاڪستان ۽ قطر جي تجويز تي آمريڪا ايران جواب ٽياڪڙ ملڪ جي حوالي ڪري ڇڏيا آھن. ھي جنگ صرف ٻن ملڪن وچ ۾ نه پر ان جي باھ سڄي خطي کي پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي رھي اھي آھي.

آمريڪا-ايران جنگ جي ڪري عالمي امن داءُ تي لڳي چڪو آهي. چوندا آھن ته دشمن جو ڌڪ  به مڃڻ گھرجي، ان جو اعتراف ڪندي آمريڪي صدر ٽرمپ جو چوڻ آھي ته ايران کي شڪست ڏيڻ سؤلو ڪم ناھي ھي ملڪ وڏي آباديءَ وسيع علائقو ۽ مضبوط دفاعي صلاحيت رکي تو نيتين ياھو مون کي جنگ ۾ ڦاسائي رکڻ چاھي ٿو…! هيءَ جنگ ڊگهي ٿي ته نه صرف دنيا کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پوندا بلڪه خود ٽرمپ ۽ نيتن ياهو جي حڪمراني به خطري ۾ پئجي ويندي. ايران جي سُپريم ليڊر جي شهادت کان پوءِ ايراني قوم اڃان وڌيڪ منظم ۽ مضبوط ٿي وئي آهي. وڏي نقصان باوجود ايراني قيادت پنهنجي هدف ڏانهن اڳتي وڌي رهي آهي. ٻئي طرف آمريڪا ۽ اسرائيل جون ايران جي بي مثال مزاحمت ۽ قومي اتحاد جي نتيجي ۾ وايون بتال ٿي ويون آهن ڇو ته انهن کي ايترو يقين ئي ڪونه هو ته ايران سندن جارحيت ۽ خوفناڪ فوجي حملن باوجود ايڏي وڏي مزاحمت ڪندو. خود آمريڪا ۾ صدر ٽرمپ خلاف وڏي  پيماني تي احتجاج ٿي رهيو آهي جڏهن ته آمريڪا ۾ ايران جنگ خلاف مُهم جي نتيجي ۾ 62 فيصد آمريڪي هن جنگ جي خلاف آهن.

 هوڏانهن ڪجهه مهينن کان پوءِ آمريڪا ۾ وچين مُدي جون چونڊون ٿيڻ واريون آهن جن ۾ ٽرمپ جي پارٽي ڊيموڪريٽڪس کي شڪست جو خطرو پڻ موجود آهي. جڏهن ته نيتن ياهو ۽ اسرائيل جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت خلاف ڪيل گناهن جي ڪري سڄي دنيا ۾ اسرائيل خلاف زبردست نفرت پيدا ٿي چڪي آهي ۽ نيتن ياهو خلاف عالمي عدالت پاران گرفتاري جا وارنٽ جاري ٿيڻ کان پوءِ هوءَ آزادي سان ڪنهن به ملڪ جو دورو ڪرڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچيندو هوندو. جڏهن ته ڊسمبر ۾ اسرائيل ۾ عام چونڊن جي نتيجي ۾ سندس ڊگهي اقتدار جو پڻ خاتمو ٿي سگهي ٿو.

ان لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مسلمان ملڪ اتحاد ۽ ٻڌي جو مظاهرو جڏهن ته عالمي ادارا ٻنهي ملڪن کي جنگ بندي لاءِ راضي ڪن ته جيئن دنيا مهانگائي،بُک بدحالي، بدامني کان نجات حاصل ۽ عام ماڻهوءَ سُک جو ساهه کڻي سگهي.

You might also like