ٽرمپ سان ملاقات جي ساراهه: گڏيل مقصد ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ آهي: نيتن ياهو

اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ٿيل پنهنجي ملاقات کي ساراهيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جو گڏيل مقصد ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ آهي.

اسرائيلي ميڊيا سان ڳالهائيندي نيتن ياهو ملاقاتن کي ڪامياب قرار ڏيندي چيو ته اهي ٻنهي حڪومتن جي مڪمل ڀائيواري ۽ گڏيل سهڪار جي عڪاسي ڪن ٿيون.

هن چيو ته ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏنا ويندا، جڏهن ته ڪيترائي ٻيا مقصد به ٻنهي ملڪن جا گڏيل آهن.

نيتن ياهو موجب ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.

سندس چوڻ هو ته ان موقعي تي اسرائيل جي سلامتي، مستقبل سان لاڳاپيل معاملن ۽ ايندڙ قدمن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته گڏيل حڪمت عملي تي به هم آهنگي پيدا ڪئي وئي.

ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پڻ اسرائيلي وزيراعظم سان پنهنجي ملاقات کي انتهائي سٺي قرار ڏنو.

هن چيو ته نيتن ياهو ۽ آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن سان سندس انتهائي سٺي ملاقات ٿي، جنهن دوران ڪيترن ئي اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

ٽرمپ پنهنجي سماجي رابطن واري پليٽفارم ٽروٿ سوشل تي ملاقات جون ڪجهه تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته اسرائيل جي وزيراعظم ”بي بي“ (بنيامين) نيتن ياهو ۽ ڪانگريس جي نمائندن سان انتهائي سٺي ملاقات ٿي، جنهن دوران ڪيترن ئي اهم موضوعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

واضح رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڱاري ڏينهن وائيٽ هائوس ۾ نيتن ياهو جي ميزباني ڪئي.

ٽرمپ جي ٻيهر صدارت سنڀالڻ کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ آمهون سامهون اها اٺين ملاقات هئي.

رپورٽن موجب نيتن ياهو مقامي وقت موجب صبح 10 لڳي 57 منٽن تي وائيٽ هائوس جي ويسٽ ونگ پهتو، جڏهن ته بند ڪمري ۾ ٿيل ملاقات لڳ ڀڳ 90 منٽن تائين جاري رهي.

You might also like