آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) ۽ گڏيل عرب امارتن (يو اي اي) فوجي شعبي ۾ هٿرادو ڏاهپ (AI) جي استعمال کي هٿي ڏيڻ لاءِ دنيا جي پهرين گڏيل اي آءِ ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
ان سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ هڪ معاهدو طئي ٿيو آهي، جنهن جو مقصد فوجي هٿرادو ڏاهپ سان لاڳاپيل جديد ٽيڪنالاجي جي تيز ترقي ۽ ان جي عملي استعمال کي يقيني بڻائڻ آهي.
ٽيلن سيناپس (Talon Synapse) نالي هي ٽاسڪ فورس ابوظهبي ۾ قائم ڪئي ويندي، جنهن ۾ آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارتن جا 20 ماهر شامل هوندا.
اهي ماهر هٿرادو ڏاهپ، ڊيٽا تجزيي، سائبر سيڪيورٽي ۽ ٻين لاڳاپيل شعبن سان واسطو رکن ٿا.
رپورٽن موجب ٽاسڪ فورس پنهنجي باقاعده سرگرمين جي شروعات ايندڙ ڪجهه هفتن دوران ڪندي.
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه ايڊمرل بريڊ ڪوپر هن معاهدي کي تاريخي سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته ان ذريعي ٻئي ملڪ جديد اي آءِ ٽيڪنالاجي کي تيزي سان فوجي شعبي ۾ متعارف ڪرائي سگهندا.
سندس چوڻ موجب آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارتون هٿرادو ڏاهپ جي اهڙي استعمال لاءِ پرعزم آهن، جيڪو تيز رفتار جدت، وڌيڪ اثرائتن فيصلن ۽ دفاعي صلاحيتن ۾ واڌ جو سبب بڻجي.
سينٽڪام موجب ٽاسڪ فورس جون بنيادي ذميواريون انٽيليجنس جي سهڪار، اهم هنڌن جي تحفظ ۽ علائقي جي سيڪيورٽي صورتحال جي نگراني لاءِ هٿرادو ڏاهپ تي ٻڌل نظام تيار ڪرڻ هونديون.
جيتوڻيڪ هن گڏيل منصوبي تي گذريل سال کان غور هلي رهيو هو، پر ان جو باضابطه اعلان اهڙي وقت ڪيو ويو آهي، جڏهن آمريڪا ايران خلاف جنگ ۾ شامل آهي ۽ گڏيل عرب امارتون پڻ ايراني ميزائلن ۽ ڊرون حملن جو نشانو بڻجي چڪيون آهن.