اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير ۾ چونڊن جي پهرئين مرحلي جا نتيجا اچڻ کان ڪجهه ئي ڪلاڪن اندر پاڪستان جي ٻن وڏين اتحادي پارٽين وچ ۾ احتياط سان هلندڙ سياسي لاڳاپا هڪ ڀيرو ٻيهر کليل محاذ ۾ تبديل ٿي ويا آهن.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مظفرآباد ۾ بيهي رياست کان پڇاڻو ڪيو ته ان کي پاڪستان جي قومي مفاد ۽ مسلم ليگ (ن) جي سياسي مفاد مان ڪنهن هڪ کي چونڊڻو پوندو.
جواب ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پيپلز پارٽي کي ڌانڌلي جو شور مچائڻ بدران شڪست کليل دل سان قبول ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ ڳالهه کي ڪشمير مان ڪڍي سنڌ جي روڊن، اسپتالن ۽ 17 سالن جي حڪمراني تائين کڻي وئي.
اهڙي نموني ڪشمير جي رڳو 13 تڪن تي ٿيل پهرئين مرحلي جي چونڊن جو تڪرار پولنگ اسٽيشنن، نتيجن ۽ مبينا ڌانڌلي تائين محدود نه رهيو، پر ان مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي کي ٻيهر هڪ ٻئي جي سامهون آڻي بيهاريو.
ٻنهي پارٽين وفاق ۾ هڪ ئي حڪومتي اتحاد جو حصو آهن، پر ڪشمير جي چونڊ مهم ياد ڏياري ڇڏيو آهي ته سندن روايتي سياسي رقابت اڃا ختم ناهي ٿي.
آخري ڀيرو ايتري تلخي ڪڏهن سامهون آئي هئي؟
فيبروري 2024ع وارين عام چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ هيون. بلاول ڀٽو لاهور مان چونڊ وڙهي مسلم ليگ (ن) کي ان جي سياسي قلعي ۾ چئلينج ڪيو هو ۽ ٻنهي پارٽين هڪ ٻئي جي وفاقي ۽ صوبائي ڪارڪردگي کي چونڊ مهم جو موضوع بڻايو هو.
تنهن هوندي به ڪنهن به پارٽي کي واضح اڪثريت نه ملڻ کانپوءِ ٻنهي حڪومت ٺاهڻ لاءِ معاهدو ڪيو.
شهباز شريف وزيراعظم بڻيو، آصف علي زرداري لاءِ صدارت جي رستو صاف ٿيو ۽ پيپلز پارٽي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ کانسواءِ حڪومت کي پارلياماني حمايت فراهم ڪئي.
ان اتحاد باوجود ٻنهي پارٽين جا اختلاف وقت به وقت سامهون ايندا رهيا.
آخري وڏي لفظي ويڙهه سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر 2025ع ۾ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام، سنڌو درياهه جي پاڻي ۽ نون ڪئنالن واري معاملي تي ٿي هئي، جڏهن مريم نواز، بلاول ڀٽو ۽ ٻنهي پارٽين جا ترجمان ڪيترن ئي ڏينهن تائين هڪ ٻئي کي جواب ڏيندا رهيا، جنهن کانپوءِ اعليٰ سطحي رابطن جي نتيجي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ٿي وئي.
ان لحاظ کان جولاءِ 2026ع واري موجوده لفظي ويڙهه لڳ ڀڳ نون مهينن کانپوءِ ٻنهي پارٽين وچ ۾ پهرين اهڙي شديد ۽ سڌي عوامي چپقلش طور سامهون آئي آهي.
واضح رهي ته آزاد ڪشمير ۾ جولاءِ 2026ع جون چونڊون ٽن مرحلن ۾ ٿي رهيون آهن. پهرئين مرحلي ۾ 27 جولاءِ تي ميرپور ڊويزن جي 13 تڪن تي پولنگ ٿي. غيرحتمي نتيجن موجب مسلم ليگ (ن) 9 ۽ پيپلز پارٽي 4 سيٽون حاصل ڪيون.
پر ٻنهي پارٽين وچ ۾ ڇڪتاڻ نتيجن کانپوءِ اوچتو پيدا نه ٿي، پر ان جو بنياد چونڊ مهم جي آخري هفتي ۾ ئي پئجي چڪو هو.
21 جولاءِ تي مظفرآباد جي خورشيد حسن خورشيد اسٽيڊيم ۾ مسلم ليگ (ن) جي جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف هلڪي انداز ۾ چيو ته ڪشمير سان سندس محبت اهڙي آهي جو سندس دل چاهي ٿي ته هو ڪشمير جو وزيراعظم بڻجي وڃي.
ظاهري طور اهو چونڊ مهم جو مذاق هو، پر بلاول ڀٽو ٻئي ڏينهن ميرپور جي جلسي ۾ ان کي سنجيده سياسي حملو بڻائي ڇڏيو.
هن چيو ته مسلم ليگ (ن) اهڙي شخص کي ڪشمير جو وزيراعظم بڻائڻ چاهي ٿي، جيڪو رائيونڊ جو رهواسي آهي ۽ ٽي ڀيرا پاڪستان جو وزيراعظم رهي چڪو آهي.
بلاول ڀٽو اهو الزام به لڳايو ته مسلم ليگ (ن) ڪشمير جي آئيني نظام ۾ اهڙي تبديلي چاهي ٿي، جنهن سان پاڪستان جي وزيراعظم کي ڪشمير جو وزيراعظم مقرر ڪرڻ جو اختيار ملي وڃي.
”هي ڪشمير آهي، ڪشمور نه“
24 جولاءِ تي ميرپور ۾ مسلم ليگ (ن) جي جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف بلاول ڀٽو کي نالي سان مخاطب ڪندي چيو ته ”بلاول برخوردار، هي ڪشمير آهي، ڪشمور نه، هي ميرپور آهي، ميرپورخاص نه.“
هن هڪ ئي جملي ۾ مسلم ليگ (ن) پيپلز پارٽي جي سنڌ واري سياسي مرڪز ۽ ڪشمير ۾ ان جي چونڊ دعوائن ٻنهي کي نشانو بڻايو. جيتوڻيڪ نواز شريف اهو به چيو ته بلاول ناراض نه ٿئي ۽ سياسي پارٽين وچ ۾ صحتمند ڀوڳ چرچا ٿيڻ گهرجن، پر ڪشمور ۽ ميرپورخاص جو حوالو واضح طور پيپلز پارٽي جي سنڌ ۾ حڪمراني ۽ سياسي اثرورسوخ تي طنز هو.
ساڳئي جلسي ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز ڪشمير لاءِ ترقياتي منصوبن، اليڪٽرڪ بسن، موبائل اسپتالن ۽ پنجاب جهڙي انفراسٽرڪچر جا واعدا پڻ ڪيا.
پيپلز پارٽي انهن اعلانن کي چونڊ ضابطن جي ڀڃڪڙي ۽ سرڪاري وسيلن ذريعي ووٽرن تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش قرار ڏنو.
ڏهن اليڪٽرڪ بسن جي اعلان خلاف پيپلز پارٽي ڪشمير اليڪشن ڪميشن سان به رابطو ڪيو ۽ ان کي چونڊ فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏنو.
اتان کان تڪرار ٻن الڳ سياسي بيانين ۾ ورهائجي ويو.
مسلم ليگ (ن) جو چوڻ هو ته ڪشمير جا ماڻهو پنجاب جهڙي ترقي، روڊ، اسپتالون ۽ جديد ٽرانسپورٽ چاهين ٿا، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو موقف هو ته وفاق ۽ پنجاب جي حڪمران جماعت ترقياتي اعلانن ۽ رياستي وسيلن ذريعي ووٽرن تي اثرانداز ٿي رهي آهي.
”ڪشمير هجي يا ڪشمور، حقن جو سودو نه ٿيندو“
26 جولاءِ تي بلاول ڀٽو وڊيو بيان ۾ نواز شريف جي ”ڪشمير، ڪشمور نه“ واري جملي جو جواب ڏيندي چيو ته، ”ڪشمير هجي يا ڪشمور، ميرپور هجي يا ميرپورخاص، اتان جا ماڻهو پنهنجي حقن، پنهنجي حڪمراني ۽ پنهنجي مستقبل بابت فيصلا ڪنهن ٻئي شهر يا صوبي جي حوالي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.“
بلاول ڀٽو هن جاگرافيائي تقابل کي سياسي حقن جي گڏيل سوال ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن وڌيڪ چيو ته جيئن مسلم ليگ (ن) کي ڪشمور ۽ ميرپورخاص ۾ رد ڪيو ويو، تيئن ڪشمير ۾ به ان کي شڪست ملندي.
ڇا سڀ ڪجهه اسڪرپٽ جو حصو آهي؟
ان پسمنظر ۾ سياسي تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته وفاق ۾ گڏ هجڻ باوجود پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) چونڊن دوران پنهنجي پنهنجي سياسي سڃاڻپ برقرار رکڻ لاءِ هڪ ٻئي تي تنقيد ڪندي نظر اچن ٿيون.
ڪجهه مبصرن جي راءِ آهي ته ڪشمير چونڊن کانپوءِ ٻنهي ڌرين جي تيز بيان بازي عوامي ۽ سياسي حمايت برقرار رکڻ جي حڪمت عملي جو حصو به ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ٻيا ان کي اتحادي سياست اندر موجود حقيقي اختلافن جو اظهار قرار ڏين ٿا، اڃا تائين اهڙو ڪو واضح اشارو سامهون ناهي آيو، جنهن مان ثابت ٿئي ته هي سموري بيان بازي ڪنهن اڳواٽ طئي ٿيل ”اسڪرپٽ“ جو حصو آهي.
You might also like