پاڪستان هاڪي ٽيم جي ڪپتاني عماد بٽ کان کسي ابوبڪر کي ڏني وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان هاڪي فيڊريشن ورلڊ ڪپ کان اڳ هاڪي ٽيم جي ڪپتاني ۾ تبديلي آڻيندي عماد شڪيل بٽ کي ڪپتاني تان هٽائي ابوبڪر کي پاڪستان هاڪي ٽيم جو نئون ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
پاڪستان هاڪي فيڊريشن موجب، ابوبڪر ايندڙ عالمي مقابلن ۾ قومي ٽيم جي قيادت ڪندو.
پي ايڇ ايف موجب، صدر محي الدين احمد واني پروفيشنل ڊيولپمينٽ ڪميٽي جي سفارش تي اهو فيصلو ڪيو، جڏهن ته عماد شڪيل بٽ سينيئر رانديگر طور ٽيم جو حصو رهندو.
فيڊريشن اميد ظاهر ڪئي آهي ته ابوبڪر جي قيادت، سينيئر رانديگرن جي تجربي ۽ نوجوان رانديگرن جي صلاحيتن سان گڏ قومي ٽيم وڌيڪ متحد ۽ مضبوط انداز ۾ اڳتي وڌندي.
ابوبڪر 30 جولاءِ تي ڪوريا خلاف هوم سيريز ۾ پهريون ڀيرو قومي ٽيم جي قيادت ڪندو، جڏهن ته هاڪي ورلڊ ڪپ 15 آگسٽ کان شروع ٿيندو.

You might also like