ايران آبناءِ هرمز ۾ ٽن تيل واري جهاز کي بيهاري ڇڏيو

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي، جڏهن ته ايران آمريڪي ڪاررواين جي جواب ۾ پنهنجا جوابي حملا جاري رکيو پيو اچي.

ايراني پاسدارانِ انقلاب اردن ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي بيلسٽڪ ميزائلن سان حملا ڪيا، جڏهن ته آبناءِ هرمز ۾ ٽن تيل بردار جهازن کي پڻ نشانو بڻائي روڪي ڇڏيو.

ٻئي پاسي آمريڪي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته اردن ڏانهن فائر ڪيل ميزائلن کي تباهه ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان پنهنجي ملاقات کي ساراهيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جو گڏيل مقصد ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ آهي.

هن چيو ته ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏنا ويندا، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جا ٻيا به ڪيترائي گڏيل مقصد آهن.

ٻئي پاسي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي اگهه ۾ في بيرل ٻن آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ واڌ پڻ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

You might also like