متاثر ٿيل پولنگ اسٽيشنن تي فوج جي نگراني ۾ ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن: راجا پرويز اشرف

پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ متاثر ٿيل پولنگ اسٽيشنن تي فوج جي نگراني هيٺ ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

هڪ بيان ۾ راجا پرويز اشرف چيو ته ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنن تان پيپلز پارٽي جي پولنگ ايجنٽن کي زبردستي ٻاهر ڪڍيو ويو، جڏهن ته هٿياربند ماڻهن ذريعي چونڊ عمل تي اثرانداز ٿيڻ ۽ جعلي ووٽنگ جون شڪايتون پڻ انتهائي سنگين آهن.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ايل اي 12 جي تڪراري پولنگ اسٽيشنن جي نتيجن کي فوري طور روڪي ۽ متاثر ٿيل پولنگ اسٽيشنن تي جاچ کان پوءِ فوج جي نگراني هيٺ ٻيهر پولنگ ڪرائي وڃي.

راجا پرويز اشرف چيو ته آزاد ۽ شفاف چونڊ هر اميدوار ۽ ووٽر جو بنيادي جمهوري حق آهي، عوامي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي قبول نه ڪيو ويندو.

هن وڌيڪ چيو ته آزاد ڪشمير جو چيف اليڪشن ڪمشنر اميدوارن کي برابر چونڊ ماحول فراهم ڪري ۽ ٻيهر پولنگ مڪمل ٿيڻ تائين ان تڪ جي حتمي نتيجي جو اعلان نه ڪيو وڃي.

You might also like