سي پيڪ سيڪيورٽي فنڊن ۾ ڪرپشن تي معطل ڪيل سنڌ پوليس جا 10 اهلڪارن ٻيهر مقرر

ڪراچي (ع آ ڊاٽ پي ڪي) چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت سنڌ ۾ قائم اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ (ايس پي يو) ۾ مبينا بي ضابطگين جي حوالي سان سنگين انڪشاف سامھون آيا آهن.

ذريعن موجب نئين سسٽم مان مبينا طور ملوث ڪردارن کي هٽائيندي ئي پراڻن معطل ٿيل ڪردارن کي ٻيهر ميدان ۾ آڻڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، جنهن کانپوءِ ماضيءَ ۾ جاچ جي زمري ۾ آيل اهلڪارن جي راتو رات بحاليءَ تي ڪئي سوال اٿي پيا آهن.

ڪجهه مهينا اڳ سي پيڪ سنڌ ۾ مبينا بي ضابطگين تي 10 آفيسرن ۽ اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو هو، جن ۾ سينئر ڪلارڪ عامر علي، جونيئر ڪلارڪ سکندر احمد خان، اي ايس آئي اڪرم علي، بشارت علي، غلام فاروق، ڪامران خان، دانيال افضل، محمد زرين آفريدي، شاهد حسين ۽ جنسار علي شامل هئا.

انهن سڀني معطل اهلڪارن کي بي ڪمپني گارڊن هيڊڪوارٽر روانو ڪري انهن خلاف باقاعده کاتن اندر جاچ شروع ڪئي وئي هئي. ان جاچ ۾ چيني ڪمپنين کان مبينا طور فيڊنگ چارجز جي وصولي، پوليس موبائلن جي استعمال ۽ ويزا سسٽم بابت سنگين بي ضابطگين جي جاچ ڪئي پئي وئي.

ذريعن جو ٻڌائڻ آهي ته اڳوڻي آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي دور ۾ به 6 آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف وڏو ايڪشن ورتو ويو هو، جن ۾ سوڍر خان، صدام حسين، عامر چانڊيو، حذيفه، اڪرام ۽ آصف آريجو شامل هئا. انهن خلاف ڪيل جاچ ۾ پي او ايل فنڊن، ويزا سسٽم، ٻارڻ (ايم) ۽ فيڊنگ چارجز ۾ وڏي پيماني تي گڙٻڙ ثابت ٿي هئي.

حيران ڪندڙ طور تي اعليٰ اختيارين پاران جاچ رپورٽ جاري ٿيڻ ۽ انهن اهلڪارن جون اپيلون رد ٿيڻ جي باوجود هاڻي ماضيءَ جي انهن مبينا ڪردارن جي ڳجهي بحالي ڪئي وئي آهي.

انهن سڀني ماڻهن کي ٻيهر سي پيڪ يونٽ ۾ اهم عهدن تي مقرر ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جنهن تي کاتن اندر شديد خدشا وڌي ويا آهن.

You might also like