سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ کي سخت مالي مشڪلاتن جو خدشو، 16 ڪروڙ کان وڌيڪ رهتون گهري ورتيون

ڪراچي (ع آ ڊاٽ پي ڪي) سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ تعليمي سال 2026-27 لاءِ درسي ڪتابن جي خريداري ۽ اسڪولن تائين پهچائڻ جي حوالي سان درپيش مالي مسئلن تي کاتي اسڪول ايجوڪيشن سنڌ سان رابطو ڪري ورتو آهي.

سنڌ حڪومت ان مقصد لاءِ ڪل 5 ارب رپيا جاري ڪيا هئا، جنهن مان پهرين 3 ماهي جون يوٽيلائيزيشن رپورٽون پهرين ئي موڪليون ويون آهن، جڏهن ته چوٿين ٽه ماهي جي هڪ ارب 25 ڪروڙ رپين جي يوٽيلائيزيشن رپورٽ به جمع ڪرائي وئي آهي.

تڪرار جو بنيادي ڪارڻ اهو آهي ته کاتي جي هدايتن موجب 7 سيڪڙو رائلٽي جي رقم، جيڪا 33 ڪروڙ 18 لک 29 هزار رپيا ٿئي ٿي، ناڪاري ناهي ڪئي وئي.

سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو موقف آهي ته حڪومت پاران کيس پنهنجي انتظامي ۽ آفيس خرچ هلائڻ لاءِ ڪا به الڳ گرانٽ ان ايڊ فراهم ناهي ڪئي ويندي. بورڊ پنهنجي تمام ملازمن جون پگهارون، پينشن، آفيس جا ۽ قانوني خرچ انهي رائلٽي جي رقم مان پورا ڪندو آهي.

بورڊ انتظاميا جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن رائلٽي جي رقم ادا نه ڪئي وئي ته بورڊ لاءِ پنهنجون انتظامي ۽ قانوني ذميواريون پوريون ڪرڻ ناممڪن ٿي ويندو ۽ کيس شديد مالي مشڪلاتن جو سامھڻو ڪرڻو پوندو.

ان ڪري بورڊ کاتي اسڪول ايجوڪيشن کان درخواست ڪئي آهي ته اهو 5 ارب رپين جي ڪل بجيٽ تي 7 سيڪڙو رائلٽي جي منظوري لاءِ ناڻي کاتي سان فوري طور رابطو ڪري.

سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ اها تجويز به پيش ڪئي آهي ته کيس 16 ڪروڙ 25 لک رپين جي رقم پاڻ وٽ ئي برقرار رکڻ جي باقاعده منظوري ڏني وڃي ته جيئن ان رقم کي رائلٽي جي رهتن خلاف ايڊجسٽ ڪري سگهجي.

بورڊ تعليم کاتي کي درخواست ڪئي آهي ته يا ته رائلٽي ڪليم کي منظور ڪري ايڊجسٽمينٽ جي اجازت ڏني وڃي يا پھرين متبادل طور بقايا رقم کي سرڪاري قاعدن ۽ ضابطن موجب استعمال ۽ ايڊجسٽ ڪرڻ بابت واضح رهنمائي فراهم ڪئي وڃي.

You might also like