2024ع ۾ ڪميشن پاس 1200 آفيسرن کي پوسٽنگ ئي نه ملي؟

ڪراچي(ارباب چانڊيو)سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 2024ع جو امتحان ۾ ميونسپل آفيسر، اڪائونٽس آفيسر، ٽائون آفيسر انجنيئرن سميت تقريبن 1200 آفيسرن کي ميرٽ جي بنياد تي ڀرتي ڪيو ويو هو،انهن کي پوسٽنگ نه ملي سگهي آهي،هڪ خط ۾ انهن جو چوڻ آهي ته کين پوسٽنگ نٿي ڏني وڃي ۽ انهن سان انصاف نٿو ٿئي. تمام چونڊيل آفيسرن کي مقرريءَ جا آرڊر جاري ڪيا ويا ۽ انهن پنهنجون ذميواريون نڀائڻ لاءِ جوائننگ به ڏئي ڇڏي، يعني انهن جي جوائننگ به ٿي وئي آهي، پر اڃا تائين کين پوسٽنگ نٿي ڏني وڃي. خط ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حڪومتي پاليسيءَ موجب انهن آفيسرن جي صرف 15 ڏينهن جي تربيت   ٿيڻي هئي، جنهن کان ترت پوءِ کين مقرريون ڏنيون وڃڻيون هيون. سڀني آفيسرن جو خط ۾ چوڻ آهي ته ته سنڌ حڪومت گذريل ڪافي عرصي کان ٽريننگکي بهانو  بڻائي اسان کي پوسٽنگ کان محروم رکيو پئي اچي،بلڪ مختلف حيلن ۽ بهانن ذريعي مسلسل کين انهن جي آئيني ۽ قانوني حق کان محروم رکيو پيو وڃي.اها صورتحال نه صرف آفيسرن سان ناانصافي آهي، بلڪه اها صورتحال ميرٽ، شفافيت ۽ سرڪاري نظام تي عوام جي اعتماد کي به متاثر ڪري رهي آهي. ٽريننگ کانپوءِ  به کين پوسٽنگ نٿي ڏني وڃي ان جو مطلب اهو آهي ته يا ته اهي من پسند ناهن،یا انهن مان ڪو پارٽيءَ جي ايم پي اي، ايم اين اي يا وزير جو ڪو مائٽ، ڀاڻيجو، ڀائٽيو يا پٽ ناهي، يا وري اهو آهي ته اهي اوترا پئسا نٿا ڏئي سگهن جيترا پئسا کين پوسٽنگ ڏيڻ لاءِ گهريا پيا وڃن.

You might also like