بهرام ڀرسان هٿياربندن پراڻي تڪرار تان ماءُ پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو

بهرام(رپورٽ:نصرالله پتوجو) بھرام ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان ماءُ پٽ کي قتل ڪيو ويو، ھڪ زخمي، ڳوٺ گل محمد چچا ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ماءُ پيرسن عورت عنايتان زال محمد رمضان چچو ۽ سندس پٽ نظير احمد چچو ٿڏي تي قتل ٿي ويا ۽ ٻيو پٽ محمد جمن چچو سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي علاج لاءِ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٽراما سينٽر لاڙڪاڻو داخل ڪيو ويو، جڏهن ته اطلاع ملڻ تي بهرام پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش پنھنجي تحويل وٺي تعلقي اسپتال ميروخان ضروري ڪارروائي لاءِ کڻائي وئي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گهر پهچڻ تي  تي روڄ راڙو پئجي ويو جڏهن ته قتل جو ڪارڻ سڱاوتي تڪرار ٻڌايو پيو وڃي، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

You might also like