ايڏا سال استعمال ڪيئن ٿيون؟ سنڌ ۾ سرنجن جا ٻه قسم غير معياري قرار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سنڌ ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري آٽو ڊس ايبل سرنجن جا ٻه نمونا غير معياري قرار ڏئي ڇڏيا آهن.

سنڌ ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري (SDTL) پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب جاچ دوران 5 ملي ليٽر ۽ 3 ملي ليٽر آٽو ڊس ايبل سرنجن جا نمونا مقرر معيار تي پورا نه لهي سگهيا.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻنهي سرنجن جي نمونن کي ميڊيڪل ڊيوائس رولز 2017 تحت غير معياري قرار ڏنو ويو آهي. اهي غير معياري قرار ڏنل سرنجون خيبرپختونخوا جي هڪ دوا ساز ڪمپني پاران تيار ڪيل آهن.

ڊي جي ايس ڊي ٽي ايل عدنان رضوي ٻڌايو ته سرنجن ۾ آٽو ڊس ايبل ۽ ري يوز (ٻيهر استعمال روڪڻ وارو)فيچر جا ٽيسٽ ناڪام ٿي ويا، جڏهن ته جاچ دوران سرنجن جو خودڪار حفاظتي نظام به مؤثر ثابت نه ٿي سگهيو. تنهن ڪري اهي غير معياري آٽو ڊس ايبل سرنجون انجيڪشن جي محفوظ استعمال لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿيون.

وڌيڪ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ٽيسٽ رپورٽون ڊرگ انسپيڪٽر ڪراچي ايسٽ ۽ سيڪريٽري ڪوالٽي ڪنٽرول بورڊ ڏانهن اماڻيون ويون آهن.

You might also like