آبناءِ هرمز ۾ آمريڪي حڪم نه مڃيندڙ ٻه جهاز ناڪارا

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪا دعويٰ ڪئي آهي ته آبناءِ هرمز ۾ آمريڪي حڪمن تي عمل نه ڪندڙ ٻن جهازن کي ناڪارا بڻايو ويو، جڏهن ته ٻن ٻين جهازن تي چڙهائي ڪري کين حڪم مڃڻ تي مجبور ڪيو ويو.

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) پنهنجي تازي بيان ۾ اها دعويٰ ڪئي آهي، جنهن موجب آمريڪا 12 واپاري جهازن کي پنهنجو رستو تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي.

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ چيو آهي ته آبناءِ هرمز ۾ ايران جي ناڪابندي مڪمل طور برقرار آهي.

بيان موجب، اوڀر آفريڪا جي ملڪ ڪوموروس جي جهنڊي هيٺ هلندڙ جهاز ايم ٽي چار مينار تي عربي سمنڊ ۾ چڙهائي ڪئي وئي، ۽ جهاز جي تصديق کان پوءِ ان کي وڃڻ جي اجازت ڏني وئي.

سينٽڪام موجب، آمريڪي حڪمن جي ڀڃڪڙي جي الزام ۾ موزمبيق جي جهنڊي هيٺ هلندڙ جهاز ايم ٽي ليوين کي 24 جولاءِ تي خليج عمان ۾ ناڪاره بڻايو ويو. اهو جهاز ايران ڏانهن وڃي رهيو هو، پر هاڻي ان کي ناڪاره ڪيو ويو آهي.

You might also like