ٻٻرلوءِ ڌرڻو: آخر سهڻي پارس جو ڏوهه ڪهڙو آهي!؟

اعجاز ممنائي

گذريل ڏينهن ٻٻرلوءِ بائي پاس تي پريا ايڪشن ڪميٽيءَ جي اڳواڻن مٿان پوليس روايتي انداز اپنائيندي ڪڙڪي پئي ۽ کين تشدد ڪرڻ بعد گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، ۽ سهڻي پارس سميت 13 سڃاتل ۽ 150 اڻ سڃاتل ماڻهن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي آهي. ياد رهي ته گذريل هڪ مهيني کان ٻٻرلوءِ بائي پاس تي مغوي ٻارن جي بازيابيءَ لاءِ والدين پاران احتجاجي ڪئمپ لڳل هئي، جنهن ڪئمپ تي ڪو وزير يا مشير ته نه آيو پر ايس ايس پي جي معرفت ڳالهيون ڪري وقت پاس ڪندي ڪندي مٿن تشدد جي حڪمت عملي ٺاهي وئي، جنهن ظلم تي آسمان به ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو؛ ڇو ته مظلوم جو مددگار خدا کان سواءِ ٻيو ڪو به نٿو ٿي سگهي.

پريا ايڪشن ڪميٽيءَ جي سرواڻ سهڻي پارس ۽ ڪنوينر لياقت جلباڻيءَ سميت مغوي ٻارڙن جي مائرن مٿان رياستي بربريت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي پوري دنيا جي انساني حقن جي تنظيمن کان گهر ٿا ڪريون ته هن ظلم خلاف ڀرپور آواز اٿارين ۽ سنڌ سرڪار جو چهرو نروار ڪن، جنهن جائز مطالبا ڪرڻ ۽ پنهنجا معصوم ٻارڙا گهرڻ بدلي مٿن بي رحميءَ سان ظلم ڪيو. هيءَ اسان جي سنڌ آهي جتي سنڌ حڪومت هر پرامن آواز جي اُڀرڻ تي ٿرٿلي ۾ اچي وڃي ٿي ۽ پنهنجو پاور ۽ بربريت ڏيکاري ٿي. جن مائرن کي دلاسو ڏنو وڃي ها، انهن کي سنڌ پوليس رستي تي گهلي گهلي تشدد ڪري گرفتار ڪيو آهي. پرامن ڌرڻي ۾ طوفاني برسات اندر مائرون کليل آسمان اڳيان روئينديون رهيون، ڄڻ ڪربلا جو ميدان هجي ۽ حسيني قافلي مٿان يزيدي فوج ڪڙڪي پئي هجي! ۽ پرامن احتجاجي ڪئمپ کي پٽي اڇلائي سمورن اڳواڻن جون گرفتاريون ڪيون ويون.

خيرپور ميرس جو امن امان خراب ڪندڙ ايس ايس پي خيرپور، جيڪو امن ڪرائڻ ۾ بلڪل ناڪام ويو… ڏينهن ڏٺي عورتن، ٻچن ٻارن ۽ پڪن پوڙهن کان ڦرون، ڏينهن ڏٺي جا ڌاڙا، ماڻهو قتل! ڪو به انصاف ناهي، ڪو به قانون ناهي. اڄ اهو ايس ايس پي خيرپور ۽ ايس پي سکر معصوم ٻچڙن جي بازيابيءَ لاءِ ويٺل مائرن، وڪيلن، صحافين ۽ قومي ڪارڪنن مٿان لاٺي چارج ڪري پاڻ کي هيرو ٿا سمجهن. افسوس آهي ڊي آءِ جي سکر ۽ آءِ جي سنڌ تي، جن ڌاڙيلن ۽ غير ذميوار آفيسرن جي رحم و ڪرم تي عوام کي ڇڏي ڏنو آهي. جيڪا پوليس نفري احتجاج ڪندڙن مٿان چڙهي وئي، اها ئي نفري امن امان جي صورتحال بهتر ڪرائڻ ۾ استعمال ڪئي وڃي ها ته اڄ سنڌ جون مائرون روڊن تي نه ويٺل هجن ها، بلڪه پنهنجي ٻچڙن سان گهرن ۾ ويٺل هجن ها. پر جڏهن سندن جگر جا ٽڪرا کانئن کسيا ويندا ته انهن کي گهرن ۾ ڪهڙو سڪون ۽ چين ايندو!؟ اگر اهي پنهنجي ٻچن جي آزاديءَ لاءِ دانهون ڪن يا احتجاج ڪن ته انهن کي سندن اولاد ڏيڻ بجاءِ لٺيون وسائي کين گرفتار ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟

آزاديءَ جي تصور کي شل هيءَ سنڌي قوم سمجهي! پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي هن رياست ۾ عوام کي آزادي نه پر تاريخي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيو ويو آهي. حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ يا پنهنجي ئي مٿان ظلم، جبر ۽ ڏاڍ خلاف دانهن ڪرڻ تي سالن کان ماڻهن جو کنڀجڻ ته ڏٺو آهي، پر جڏهن معصوم ٻارڙن جي گم يا اغوا ٿيڻ جهڙا ڪيترائي ڪيس سامهون اچن ٿا ۽ انهن خلاف هڪ منظم تحريڪ هلڻ لڳي ٿي، ته جمهوريت جو راڳ آلاپيندڙ حڪمران مٿن پرتشدد ڪارروايون ڪرڻ لڳن ٿا. مان سمجهان ٿو ته هن ملڪ اندر ڪو به ماڻهو محفوظ ناهي ۽ نه ئي ڪو پاڻ کي محفوظ سمجهي ٿو.

حقيقت اها آهي ته اسان سنڌي هن ملڪ ۾ بيوس ۽ بي اختيار قوم آهيون. اسان جي پنهنجي ئي ڌرتيءَ جي وسيلن تي ڪو به حق نٿو سمجهيو وڃي؛ سنڌ جي پالڻهار درياءَ ۽ سمنڊ تي قبضو آهي، تيل، گئس ۽ ڪوئلي تي ڌاريا قابض آهن، هن رياست طرفان ڌاري آبادڪاري ڪري شهرن تي قبضو ڪيو ويو آهي، علم، شعور، عقل ۽ سياسي، سماجي توڙي وطن دوست ذهنن کي يرغمال بڻايو ويو آهي. نوجوان نسل کي پنهنجي ڏاڍ، جبر، لالچ ۽ خوف سبب پريشان ڪيو ويو آهي. سوال اهو آهي ته ان رياستي چال کي سمجهڻ لاءِ اڃا پنهنجي ڄنڊاپٽ ڪجي يا سنجيده ٿي قوم لاءِ جدوجهد ڪجي؟ پنهنجا وسيلا بچايون ۽ پنهنجا ٻچا بچايون! پريا ڪماريءَ کان ويندي سنڌ جي ظاهر ڪيل 30 ٻارن جي آزاديءَ جي هلندڙ جدوجهد کي اڃا وڌيڪ تيز ڪيون ته جيئن اقتدار جي نشي ۾ غرق حڪمرانن کي هوش اچي ۽ معصوم ٻارڙا واپس پنهنجي امڙين جي گود ۾ اچي سک جو ساهه کڻن.

خيرپور ميرس جو امن امان خراب ڪندڙ ايس ايس پي خيرپور، جيڪو امن ڪرائڻ ۾ بلڪل ناڪام ويو… ڏينهن ڏٺي عورتن، ٻچن ٻارن ۽ پڪن پوڙهن کان ڦرون، ڏينهن ڏٺي جا ڌاڙا، ماڻهو قتل! ڪو به انصاف ناهي، ڪو به قانون ناهي. اڄ اهو ايس ايس پي خيرپور ۽ ايس پي سکر معصوم ٻچڙن جي بازيابيءَ لاءِ ويٺل مائرن، وڪيلن، صحافين ۽ قومي ڪارڪنن مٿان لاٺي چارج ڪري پاڻ کي هيرو ٿا سمجهن. افسوس آهي ڊي آءِ جي سکر ۽ آءِ جي سنڌ تي، جن ڌاڙيلن ۽ غير ذميوار آفيسرن جي رحم و ڪرم تي عوام کي ڇڏي ڏنو آهي. جيڪا پوليس نفري احتجاج ڪندڙن مٿان چڙهي وئي، اها ئي نفري امن امان جي صورتحال بهتر ڪرائڻ ۾ استعمال ڪئي وڃي ها ته اڄ سنڌ جون مائرون روڊن تي نه ويٺل هجن ها،

You might also like