اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ پيٽروليم شين، موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروسز جي مهانگي ٿيڻ کان پوءِ دوائن جي اگهن ۾ به واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ وزيراعظم پاران قائم ڪيل دوائن جي اگهن بابت ڪابينا ڪميٽي جو اٺون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي صحت واري وزير مصطفيٰ ڪمال، دفاعي پيداوار واري وزير محمد رضا حيات هراج، سيڪريٽري قومي صحت محمد اسلم غوري، ڊريپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ واپار ۽ ناڻي واري وزارتن جي نمائندن شرڪت ڪئي، اجلاس دوران ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان (ڊريپ) نين دوائن جي قيمتن جي تعين، هارڊ شپ درخواستن، اگهن سان لاڳاپيل ٻين معاملن ۽ ضروري دوائن جي دستيابي بابت پنهنجي سفارشن تي تفصيلي بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ گذريل اجلاس کان پوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو، جڏهن ته ڪميٽي جي غور لاءِ مختلف تجويزون پڻ پيش ڪيون ويون، محمد اورنگزيب چيو ته دوائن جي قيمتن بابت فيصلا شفاف، ثبوتن تي ٻڌل،مشاورتي عمل ذريعي ۽ عوامي مفاد کي سامهون رکي ڪيا وڃن، هن چيو ته مريضن کي ضروري دوائن جي دستيابي، دواساز صنعت جي پائيدار فراهمي ۽ دوائن جي خريداري جي سگهه جي وچ ۾ متوازن حڪمت عملي اختيار ڪرڻ انتهائي ضروري آهي، اهم دوائن بابت ڪيل فيصلن جا سبب به عوام آڏو واضح نموني پيش ڪيا وڃن، جيئن ماڻهو انهن جي پس منظر ۽ مقصدن کي بهتر نموني سمجهي سگهن، جڏهن ته پيٽرول جي روزاني بنيادن تي وڌندڙ قيمتن عوام سان گڏ پيٽرول پمپ مالڪن جون به پريشانيون وڌائي ڇڏيون، وڌندڙ مهانگائي سبب اڪثر شهري هاڻي گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن جون ٽانڪيون مڪمل ڀرائڻ بدران رڳو ضرورت موجب ٿورو پيٽرول ڀرائڻ تي مجبور آهن، حڪومت طرفان پيٽروليم شين جي روزاني بنيادن تي قيمتون مقرر ڪرڻ واري نظام لاڳو ٿيڻ کان پوءِ 24 جولاءِ تائين پيٽرول جي اگهن ۾ لڳاتار واڌ ٿي آهي، جنهن جو اثر نه رڳو ٽرانسپورٽ پر روزاني استعمال جي شين جي قيمتن تي پڻ پيو، لاهور، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ پيٽرول پمپن تي شهرين سان ڳالهائڻ دوران خبر پئي ته لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو ماڻهن کي ياد ئي نه هو ته هنن آخري ڀيرو پنهنجي گاڏي يا موٽرسائيڪل جي ٽانڪي ڪڏهن مڪمل ڀرائي هئي، شهرين ٻڌايو ته هاڻي هو ٻه هزار، ٽي هزار يا وڌ ۾ وڌ پنج هزار رپين جو پيٽرول ڀرائين ٿا، جڏهن ته موٽرسائيڪل سوارن مان ڪيترائي صرف 200 يا 300 رپين جو پيٽرول وٺن ٿا، هڪ ڪار سوار ٻڌايو ته هن چار مهينا اڳ آخري ڀيرو گاڏي جي ٽانڪي مڪمل ڀرائي هئي، جڏهن ته هاڻي رڳو ضرورت آهر ٻه يا اڍائي هزار رپين جو پيٽرول ڀرائي آفيس وڃڻ ۽ ٻارن کي اسڪول آڻڻ ۽ وٺي وڃڻ لاءِ گاڏي استعمال ڪندو آهي، شهرين جو چوڻ هو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ سبب اسڪول ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا پڻ تمام گهڻا وڌي ويا آهن، جنهن ڪري ڪيترائي ماڻهو ذاتي گاڏي استعمال ڪرڻ تي مجبور آهن.