پاسدارانِ انقلاب بحرين ۾ آمريڪي ڪمپني ايمازون جو ڊيٽا سينٽر تباهه ڪري ڇڏيو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هن بحرين ۾ آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايمازون جي هڪ ڊيٽا سينٽر کي ٻيهر نشانو بڻايو آهي.
پرڏيهي خابرو جي رپورٽ موجب، پاسدارانِ انقلاب جمعي ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سندن اهلڪارن آمريڪي ڪمپني ايمازون جي انٽيليجنس ڊيٽا سينٽر جي عمارت کي نشانو بڻائي تباهه ڪري ڇڏيو، ڊيٽا سينٽر آمريڪي فوج کي ڄاڻ فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو هو.
واضح رهي ته پاسدارانِ انقلاب هن کان اڳ به گذريل اربع تي ساڳئي ڊيٽا سينٽر تي حملي جي دعويٰ ڪئي هئي.

You might also like