دوحا (ويب ڊيسڪ) قطري حڪومت گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل ڏانهن موڪليل خطن ۾ پنهنجي سرزمين تي ٿيل حملن جي مڪمل قانوني ذميواري ايران تي مڙهيندي سمورن نقصانن جي ازالي لاءِ هرجاڻي جو مطالبو ڪيو آهي.
خطن ۾ چيو ويو آهي ته ايران 7 جولاءِ تي آبناءِ هرمز ويجهو هڪ قطري آئل ٽينڪر کي نشانو بڻايو، جنهن کانپوءِ 12 ۽ 17 جولاءِ تي قطر تي ميزائل حملا ڪيا.
قطري اختيارين موجب، 12 جولاءِ واري حملي دوران ميزائلن کي روڪڻ جي ڪارروائي مان نڪتل ڌاتو جا ٽڪرا رهائشي علائقن تي ڪِريا، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻار سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿيا.
قطر پنهنجي بيان ۾ قطري سرزمين تي ايراني اڳرائيءَ کي قومي خودمختياري جي کليل ڀڃڪڙي ۽ ملڪ جي سلامتي توڙي علائقائي سالميت لاءِ سڌو خطرو قرار ڏنو آهي.
قطر واضح ڪيو آهي ته هو پنهنجي خودمختياري، سلامتي ۽ شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ هر ضروري قدم کڻڻ کان نه ڪيٻائيندو.
ٻئي پاسي، ايران جو موقف آهي ته خطي جي ملڪن ۾ سندس حملن جو نشانو رڳو اتي موجود آمريڪي فوجي اڏا ۽ آمريڪي فوجون آهن.
You might also like