راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڪئناڊا جي پرڏيهي وزير انيتا آنند جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن، علائقائي سلامتي ۽ پاڪستان-ڪئناڊا ٻطرفن لاڳاپن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
پاڪ فوج جي شعبي ترجمان اداري (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ملاقات دوران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير عالمي امن ۽ علائقائي استحڪام بابت پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪندي چيو ته گڏيل سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل سهڪار ۽ ڪوششون ضروري آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل دهشتگردي سميت ٻين گڏيل خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۽ ڪئناڊا وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
ان موقعي تي ڪينيڊين پرڏيهي وزير انيتا آنند دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن، قربانين ۽ ڪردار کي ساراهيو، جڏهن ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي واڌاري لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪوششن جي به واکاڻ ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، ملاقات دوران ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ ڪئناڊا وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ، دفاعي سهڪار وڌائڻ ۽ سيڪيورٽي شعبن ۾ رابطن کي مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
ملاقات کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعتماد، سهڪار ۽ علائقائي امن جي واڌاري طرف هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي.
ڪينيڊين پرڏيهي وزير جي جي ايڇ ڪيو ۾ فيلڊ مارشل سان ملاقات، علائقائي سلامتي ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي ڳالهيون
You might also like