ايران جا ٽن مرحلن ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي حملا، ايراني ميزائل ۽ ڊرون حملن کي ناڪام بڻائي رهيا آهيون: ڪويتي فوج جي دعويٰ

تهران/ڪويت سٽي (ويب ڊيسڪ) ايران جي پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هن بحرين ۽ ڪويت ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن کي وڏي پيماني تي ميزائلن ۽ ڊرونز ذريعي ٽن مرحلن ۾ نشانو بڻايو آهي.
پاسدارانِ انقلاب جي سڌ سماءَ واري شعبي موجب، سامونڊي فوج”آپريشن نصر 2“ جي 23هين لهر دوران خطي ۾ موجود آمريڪي فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا، جن ۾ وڏو نقصان پهچائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
بيان موجب، پهرئين ۽ ٻئي مرحلي ۾ بحرين جي السخير ايئرپورٽ تي موجود آمريڪي يونٽن جي ڊرونز جي سارسنڀال ۽ مرمت وارن ٿاڪن، جڏهن ته سلمان پورٽ تي آمريڪي ٽي ايف- 59 يونٽ جي تياري وارين سهولتن کي نشانو بڻايو ويو.
پاسدارانِ انقلاب موجب، ٽئين مرحلي ۾ ڪويت جي عريفجان فوجي اڏي تي آمريڪي اسپيشل فورسز جي ميرينز جي مقرري، سهائتا ۽ فوجي سامان سان لاڳاپيل انفراسٽرڪچر تباهه ڪيو ويو.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته خطي ۾ موجود آمريڪي فوجن خلاف ڪارروائيون جاري رهنديون.
ٻئي پاسي، بحرين جي گهرو وزارت ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ ۾ سائرن وڄايا ويا آهن ۽ شهرين توڙي رهواسين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو پرسڪون رهن، فوري طور ويجهي محفوظ هنڌ منتقل ٿين ۽ اختيارين طرفان جاري ڪيل حفاظتي هدايتن تي عمل ڪن.
هوڏانهن، ڪويتي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ جو فضائي دفاعي نظام ايران طرفان ڪيل ميزائل ۽ ڊرون حملن کي روڪڻ لاءِ سرگرم آهي.
ڪويتي فوج جي جنرل اسٽاف ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ڌماڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ته اهي دشمن جي حملن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ فضائي دفاعي نظام جي ڪارروائين جو نتيجو آهن.
بيان ۾ شهرين کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو لاڳاپيل اختيارين طرفان جاري ڪيل حفاظتي ۽ سيڪيورٽي هدايتن تي سختي سان عمل ڪن.

You might also like