انگلينڊ هٿان ڀارت کي ون ڊي سيريز ۾ به شڪست، اڳوڻي ڪرڪيٽر ڪُلديپ يادَو کي رٽائر ٿيڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر محمد ڪيف انگلينڊ خلاف ٽِين ۽ فيصلائتي ون ڊي ۾ ڪُلديپ يادو کي ٽيم ۾ شامل نه ڪرڻ تي هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
پنهنجي بيان ۾ محمد ڪيف چيو ته ڪُلديپ يادو 118 ون ڊي ميچن ۾ 194 وڪيٽون وٺي چڪو آهي، پر ان باوجود کيس مسلسل ٽيم کان ٻاهر رکيو پيو وڃي.
هن چيو ته جيڪڏهن کيس اهڙي ريت نظرانداز ڪيو ويندو ته ڪُلديپ کي عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ تي غور ڪرڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته لارڊز جي پچ تي ليفٽ آرم اسپنر جي موجودگي ڀارت لاءِ لاڀائتي ثابت ٿي سگهي پئي.
ٻئي پاسي اڳوڻي اسپنر روي چندرن ايشون به ٽيم مئنيجمينٽ جي فيصلي تي سوال اُٿاريندي چيو آهي ته ڪنهن به بالر کي مسلسل ٽيم کان ٻاهر ويهارڻ سان سندس اعتماد ۽ رڌم متاثر ٿيندو آهي.
واضح رهي ته ڪُلديپ يادو انگلينڊ خلاف ٽنهي ون ڊي ميچن ۾ ٽيم کان ٻاهر رهيو، جڏهن ته ان کان اڳ کيس ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ به آرام ڏنو ويو هو.
ڀارتي ميڊيا موجب، ٽيم مئنيجمينٽ واڌو بيٽنگ صلاحيت سبب آل رائونڊر اڪشر پٽيل ۽ واشنگٽن سُندر کي ترجيح ڏني، جنهن ڪري ڪُلديپ يادو کي هڪ ڀيرو ٻيهر موقعو نه ملي سگهيو.
ياد رهي ته انگلينڊ لارڊز ۾ کيڏيل ٽِين ۽ آخري ون ڊي ۾ ڀارت کي 27 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي آهي.

You might also like