جينيفر ونگٽ ٻيهر ڪنوار بڻجي وئي، گهوٽ جا تفصيل پڌرا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪارا جينيفر ونگٽ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، جينيفر ونگٽ سنگاپور سان واسطو رکندڙ واپاري وليم اسماعيل سان شادي ڪئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، شادي جي تقريب 16 جولاءِ تي برطانيا ۾ ٿي، جنهن کي انتهائي ڳجهو رکيو ويو، جنهن ۾ رڳو ويجهن مائٽن ۽ خاص دوستن شرڪت ڪئي.
سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو به وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ اداڪارا کي اَڇي رنگ جو عروسي لباس چونڊيندي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته جينيفر ونگٽ پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي شادي بابت ڪا تصوير يا وڊيو شيئر ناهي ڪئي.
واضح رهي ته جينيفر ونگٽ ان کان اڳ پنهنجي مشهور ڊرامي ”دل مل گئي“ جي ساٿي اداڪار ڪرن سنگهه گروور سان 2012ع ۾ شادي ڪئي هئي، پر ٻنهي جي شادي رڳو ٻه سال هلي سگهي ۽ 2014ع ۾ ٻنهي الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.

 

You might also like