پيٽرول ۽ ڊيزل اگهن ۾ وڏي واڌ جو امڪان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ايندڙ هفتي لاءِ ڊيزل جي اگهه ۾ في ليٽر 40 رپيا ۽ پيٽرول جي اگهه ۾ في ليٽر 10 رپيا واڌ جو امڪان آهي. جڏهن ته حڪومت ان واڌ کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ پيٽروليم ليوي ۾ گهٽتائي ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.

ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ واڌ آئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 18 جولاءِ کان شروع ٿيندڙ ايندڙ پندرهن ڏينهن واري جائزي دوران هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر 40 رپين تائين وڏي واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پيٽرول جي قيمت ۾ به لڳ ڀڳ في ليٽر 10 رپيا واڌ ٿيڻ جو امڪان آهي.

ٻئي طرف حڪومت پيٽروليم شين جي ذخيرو اندوزي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي.

ان کانسواءِ نيشنل ڪميٽي آن مانيٽرنگ اينڊ ڪوآرڊينيشن ڪجهه بدعنوان مارڪيٽ عنصرن پاران پيٽروليم شين جي ذخيرو اندوزي جو سخت نوٽيس وٺندي اوگرا کي لاڳاپيل ۽ ضروري ڪارروائيون ڪرڻ جي هدايت پڻ جاري ڪري ڇڏي آهي.

You might also like