راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج جي سيڪيورٽي فورسز بنون ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪاررواين دوران ڀارتي حمايت يافته تنظيم فتنه الخوارج سان واسطو رکندڙ 24 دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران بنون ۽ ڀرپاسي ۾ ٿيل فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 24 دهشتگرد مارجي ويا، جن جي قبضي مان هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ ڪيا ويا.
آءِ ايس پي آر موجب اهي دهشتگرد ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۽ بيگناهه شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بنون ۾ تازين دهشتگرد ڪاررواين ۽ خودڪش ڌماڪي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري آهن، جڏهن ته دهشتگردن ۽ سندن سهولتڪارن خلاف گڏيل انٽيليجنس بنياد تي آپريشن به شروع ڪيا ويا آهن. اداري موجب دهشتگردي خلاف جاري ڪارروايون مڪمل قوت سان جاري رهنديون.