تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هنن آمريڪي حملن جي جواب ۾ آپريشن نصر 2 جي يارهين لهر تحت شام جي التنف علائقي ۾ آمريڪي فوج جي اسپيشل آپريشنز ڪمانڊ سينٽر تي حملو ڪيو آهي.
پاسداران موجب اها ڪارروائي ايرانشهر جي بمپور علائقي ۾ شهيد ٿيل فوجي اهلڪارن جي بدلي ۾ ڪئي وئي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته حملي دوران هڪ ريڊار سسٽم تباهه ڪيو ويو ۽ اسپيشل آپريشنز لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪيترائي هيليڪاپٽر به نشانو بڻائي تباهه ڪيا ويا، جڏهن ته وڏي انگ ۾ آمريڪي فوجي اهلڪار مارجي ويا.
پاسداران وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته آبناءِ هرمز تي مڪمل ڪنٽرول اڃا تائين ايراني فوج وٽ آهي ۽ جيستائين آمريڪا جون جارحاڻيون ڪارروايون جاري رهنديون، تيستائين هن علائقي مان تيل ۽ گئس جو هڪ ڦڙو به برآمد ٿيڻ نه ڏنو ويندو.