واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)ايراني پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هنن قطر ۾ واقع آمريڪي العديد ايئر بيس کي حملي جو نشانو بڻايو آهي.
پاسدارانِ انقلاب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته حملي دوران آمريڪي اڏي تي نصب ريڊار سسٽم ۽ ڪيترائي اسٽريٽجڪ هوائي پيٽرول فراهم ڪندڙ جهاز تباهه ڪيا ويا.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته آمريڪي دشمن ۽ خطي ۾ سندس فوجي اڏن جي ميزباني ڪندڙ ملڪ ڄاڻي وٺن ته ڳاڙهين لڪيرن کي پار ڪرڻ ۽ عوام ۽ شهري ڍانچي تي حملن جي تمام وڏي قيمت چڪائڻي پوندي. جيڪڏهن دشمن اهو سلسلو جاري رکيو ته وڌيڪ سخت ۽ فيصلائتي جوابي ڪارروايون ڪيون وينديون.