تهران (ويب ڊيسڪ)ايران جي توانائي واري وزارت شهرين کي بجلي جو استعمال گهٽ ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته ڏاکڻن علائقن ۾ توانائي جي بنيادي ڍانچي تي آمريڪي حملن کانپوءِ بجلي جو نظام دٻاءُ هيٺ اچي ويو آهي.
فرانسيسي خابرو اداري اي ايف پي موجب وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عوام بجلي جي وڌيڪ استعمال وارن وقتن دوران ايئر ڪنڊيشنر بند رکن.
بيان موجب ان قدم سان ڏاکڻن صوبن ۾ بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي، جتي هن وقت سخت گرمي سان گڏ بجلي جي تنصيبات تي حملن کي به منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.