آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم تنوير الياس جي قافلي تي فائرنگ، گارڊ قتل

آزاد ڪشمير جي اڳوڻي وزيراعظم تنوير الياس جي قافلي تي ٽائين ڍلڪوٽ واري علائقي ۾ فائرنگ ٿيڻ جو اطلاع مليو آهي.

آزاد ڪشمير جي ڊي آءِ جي راجا اڪمل، تنوير الياس جي ترجمان جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته واقعي ۾ سندس هڪ گارڊ مارجي ويو، جڏهن ته ٻيا زخمي ٿيا آهن.

ڊي آءِ جي موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهن ته قانون کي هٿ ۾ کڻندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like