ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ ( نيوزيلينڊ ۾ 6.3 شدت جو زلزلو اچڻ کانپوءِ اختيارين سونامي جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، نيوزيلينڊ جي ڏکڻ ٻيٽ ۾ تينائو شهر ويجهو 6.3 شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن کانپوءِ اختيارين احتياطي طور سونامي وارننگ جاري ڪئي.
نيوزيلينڊ جي نيشنل ايمرجنسي مئنيجمينٽ ايجنسي موجب، زلزلي جو مرڪز تينائو کان لڳ ڀڳ 40 ڪلوميٽر اتر ۾ هو، جيڪو مشهور سياحتي علائقي فيورڊ لينڊ جو داخلا رستو آهي.
آمريڪي جيولوجيڪل سروي ۽ جرمن ريسرچ سينٽر فار جيو سائنسز شروعاتي طور ٻڌايو هو ته زلزلي جي شدت 5.9 هئي، جڏهن ته ان جي اونهائي 50 ڪلوميٽر کان وڌيڪ هئي.
You might also like