تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني فوج جي ترجمان محمد اڪرمينيا چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا حملا جاري رکيا ته جنگ جو دائرو نون محاذن تائين پکڙجي سگهي ٿو.
ايراني فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته ايران اڃا تائين پنهنجي سموري عسڪري صلاحيت استعمال ناهي ڪئي. جيڪڏهن دشمن جون ڪارروائيون جاري رهيون ته ايران جو جواب حالتن موجب ۽ دشمن جي اميدن کان وڌيڪ هوندو.
هن چيو ته ايران جو پنهنجي پاڙيسري ملڪن يا خطي جي مسلم رياستن سان ڪنهن به قسم جي ٽڪراءَ جو ارادو ناهي، ايران هميشه علائقائي سهڪار ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند رهيو آهي.
محمد اڪرمينيا موجب، ايراني هٿياربند فوجن جو پهريون مقصد ملڪ جي سلامتي، قومي مفادن ۽ وقار جو تحفظ ڪرڻ آهي، ۽ فوج پنهنجي ذميوارين جي ادائيگي ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندي.
هن وڌيڪ چيو ته خطي کان ٻاهر وارا ملڪ ايران سان گڏيل احترام جي بنياد تي لاڳاپا قائم رکن.
خطي جي مسلم ملڪن سان ٽڪراءَ جو ارادو ناهي، آمريڪي حملا جاري رهيا ته جنگ نون محاذن تائين پکڙجي سگهي ٿي: ايراني فوج
You might also like