گيانا ۾ ٿيندڙ ”گلوبل سپر ليگ“ لاءِ لاهور قلندرز جي اسڪواڊ جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) گيانا ۾ ٿيندڙ گلوبل سپر ليگ لاءِ لاهور قلندرز پنهنجي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
گلوبل سپر ليگ لاءِ لاهور قلندرز جي قيادت نيوزيلينڊ جو مائيڪل بريسويل ڪندو. ٽيم ۾ پرويز حسين، شايان جهانگير، ڊيلانو پوٽگٽر ۽ عبدالله شفيق شامل آهن.
ان کانسواءِ اسامه مير، شامل حسين، محمد نعيم، عمران رنڌاوا، مهراڻ ممتاز، فرحان يوسف، شهاب خان، محمد باسط ۽ علي شبير به اسڪواڊ جو حصو آهن.
لاهور قلندرز گلوبل سپر ليگ لاءِ اڳوڻي آسٽريلوي فاسٽ بالر شان ٽيٽ کي هيڊ ڪوچ مقرر ڪيو آهي.
لاهور قلندرز جي سي اي او عاطف راڻا اسڪواڊ ۽ هيڊ ڪوچ جي مقرري جو اعلان ڪندي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته شان ٽيٽ وٽ وسيع تجربو ۽ ڪامياب سوچ موجود آهي.
هن چيو ته لاهور قلندرز جو اسڪواڊ نوجوان ۽ تجربيڪار رانديگرن تي ٻڌل آهي، جڏهن ته نوجوان رانديگرن کي بين الاقوامي سطح تي کيڏڻ ۽ سکڻ جو بهترين موقعو ملندو.
واضح رهي ته گلوبل سپر ليگ 23 جولاءِ کان پهرين آگسٽ تائين گيانا ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته لاهور قلندرز پنهنجو پهريون ميچ 23 جولاءِ تي پرتھ اسڪارچرز خلاف کيڏندي.

You might also like