آمريڪا جا اڄ ايران جي چئن مختلف هنڌن تي حملا، تهران جي تصديق

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا اڄ منجهند ڏکڻ ايران جي شهر بوشهر ۾ چئن مختلف هنڌن تي ميزائل حملا ڪيا آهن، جتي ايران جو واحد سول جوهري پاور پلانٽ پڻ موجود آهي.
بوشهر صوبي جي ڊپٽي گورنر احسان جهانيان سرڪاري خابرو اداري ارنا سان ڳالهائيندي چيو ته منجهند جي وقت دشمن بوشهر ۾ چئن هنڌن کي ميزائلن سان نشانو بڻايو.
حملي ڪنهن به قسم جي جاني يا مالي نقصان بابت اڃا تائين ڪي به تفصيل جاري ناهي ڪيا ويا.

You might also like