مصباح الحق نوجوان ڪرڪيٽرن کي اهم صلاحون ڏئي ڇڏيون

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي سليڪٽر ۽ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي بيٽنگ ڪنسلٽنٽ مصباح الحق نوجوان ڪرڪيٽرن کي ڊسپلين ، مستقل مزاجي ۽ سخت محنت اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي.
پي سي بي ڊجيٽل کي ڏنل انٽرويو ۾ مصباح الحق چيو ته ڪوچز، مينٽورز ۽ والدين کي گهرجي ته هو نوجوان رانديگرن تي غيرضروري دٻاءُ نه وجهن.
هن چيو ته نوجوان ڪرڪيٽرن کي ذميواريون ضرور ڏنيون وڃن، پر سندن راند مان لطف وٺڻ ۽ جذبو متاثر نه ٿيڻ گهرجي.
مصباح الحق جو چوڻ هو ته رڳو ٽيلينٽ ڪاميابي لاءِ ڪافي ناهي، پر ڊسپلين ۽ مستقل مزاجي ئي هڪ رانديگر کي وڏي مقام تائين پهچائيندي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪامياب رانديگر روزاني محنت، فٽنيس، باظابطا پريڪٽس ۽ متوازن خوراڪ تي ڪڏهن به سمجهوتو نٿو ڪري.
سندس چوڻ هو ته چئن ڏينهن واري فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ نوجوان رانديگرن جي ٽيڪنڪ کي بهتر بڻائڻ سان گڏ سندن ذهني مضبوطي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

You might also like