مصطفيٰ ڪمال جا خالد مقبول صديقي تي نوان الزام، وسيم اختر بابت وڏو انڪشاف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سينيئر اڳواڻ ۽ وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال هڪ ڀيرو ٻيهر پارٽي چيئرمين خالد مقبول صديقي تي تنقيد ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته وسيم اختر کي سنڌ جو گورنر بڻجڻ کان خالد مقبول صديقي ئي روڪيو هو.
جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي موجودا حڪمراني واري نظام کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيئن آئيني طور اختيار ۽ وسيلا سڌو سنئون عوام جي در تائين پهچايا وڃن، ڇو ته پاڪستان جي بقا ان ۾ ئي آهي.
هن چيو ته ايم ڪيو ايم آئين ۽ قانون جي بالادستي تي يقين رکندڙ جماعت آهي، تنهن ڪري ڪارڪنن کي به آئين ۽ قانون جي دائري اندر رهي جدوجهد جاري رکڻ گهرجي.
وفاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومت گذريل 18 سالن دوران وفاق کان 22 هزار ارب رپيا ملڻ باوجود ڪراچي، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
هن اعلان ڪيو ته سنڌ جي شهري علائقن جي حقن لاءِ 26 جولاءِ کان احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.
مصطفيٰ ڪمال وڌيڪ چيو ته وسيم اختر جو اختلاف ساڻس نه، پر خالد مقبول صديقي سان آهي.
سندس چوڻ هو ته جڏهن هو ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ شامل نه ٿيو هو ته وسيم اختر سان اختلاف هئا، پر پارٽي ۾ اچڻ کانپوءِ هن ڪنهن سان به ذاتي دشمني نه رکي.
هن دعويٰ ڪئي ته خالد مقبول صديقي پاڻ کيس ٻڌايو هو ته جڏهن وسيم اختر سنڌ جي گورنر بڻجڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ته پارٽي طرفان سندس نالي جي سفارش وارو خط تيار ڪري وزيراعظم وٽ پيش ڪيو ويو، پر ملاقات جي پڄاڻي تي خالد مقبول صديقي وزيراعظم کي الڳ ٻڌايو ته ان خط تي عمل نه ڪيو وڃي.

You might also like