ٽانڪ ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏي ڀرسان ڌماڪو، 2 اهلڪار شهيد

ٽانڪ (ويب ڊيسڪ) ٽانڪ ۾ پوليس جي بڪتربند گاڏي ڀرسان ٿيل ڌماڪي ۾ اي ايس آءِ سميت 2 پوليس اهلڪار شهيد، جڏهن ته 2 ٻيا اهلڪار زخمي ٿي پيا.
ڊي پي او ٽانڪ عبدالصمد خان موجب، ڏکڻ وزيرستان روڊ تي پوليس جي بڪتربند گاڏي معمول جي گشت تي هئي، جيڪا ورانه واري علائقي ۾ ڌماڪي جو نشانو بڻي.
ڌماڪي جي نتيجي ۾ اي ايس آءِ فريدالله ۽ سپاهي اختر زمان ٿڏي تي ئي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته سپاهي عبدالمالڪ ۽ سپاهي قدرت الله زخمي ٿي پيا.
شهيد اهلڪارن جا لاش ۽ زخمين کي فوري طور ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال ٽانڪ منتقل ڪيو ويو.
ڊي پي او موجب، واقعي جي جاچ جاري آهي، جڏهن ته علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن پڻ شروع ڪيو ويو آهي.

You might also like