ايران مٿان آمريڪي حملن تي پاڪستان کي ڳڻتي، اهم بيان جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي سڀني ڌرين تي زور ڏنو آهي ته هو صبر جو مظاهرو ڪن ۽ صورتحال کي وڌيڪ خراب ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ فوري قدم کڻن.
پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان علائقي جي سڀني برادر ملڪن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي مڪمل حمايت جو عزم ورجايو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڀئي ڌريون اسلام آباد مفاهمتي ياداشت تحت ڪيل پنهنجن واعدن جي پاسداري ڪن ۽ ڳالهين ذريعي مسئلن جو حل ڳولين.
پرڏيهي آفيس موجب، پاڪستان ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ هر ممڪن سهڪار جاري رکڻ جي عزم تي قائم آهي.
هوڏانهن آمريڪي فوج ايران خلاف وڌيڪ حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن.
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته انهن حملن جو مقصد آبناءِ هرمز مان گذرندڙ شهري ۽ واپاري سامونڊي جهازن تي حملا ڪرڻ جي ايران جي صلاحيت کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ آهي.

You might also like