فيفا صدر جياني انفانٽينو جو 48 بدران 64 ٽيمن واري ورلڊ ڪپ جو اشارو

فيفا جي صدر جياني انفانٽينو مستقبل ۾ 64 ٽيمن تي ٻڌل ورلڊ ڪپ ڪرائڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.

فيفا صدر چيو آهي ته 2026ع جي ورلڊ ڪپ کان پوءِ لاڳاپيل ڪميٽيون ان تجويز جو جائزو وٺنديون.

هن چيو ته 48 ٽيمن تي ٻڌل ورلڊ ڪپ 100 سيڪڙو ڪامياب رهيو آهي. سڀني براعظمن جي ٽيمن بهترين راند پيش ڪئي ۽ ننڍين ٽيمن کي به موقعو ملڻ گهرجي.

جياني انفانٽينو جو چوڻ هو ته ورلڊ ڪپ رڳو يورپ ۽ ڏکڻ آمريڪا لاءِ ناهي، پر سڄي دنيا لاءِ آهي. هر ملڪ کي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جو خواب ڏسڻ جو حق ملڻ گهرجي.

فيفا صدر چيو ته جيڪڏهن ننڍن ملڪن کي ورلڊ ڪپ ۾ موقعو نه مليو ته انهن جي ترقي رڪجي ويندي. دنيا ۾ فٽبال جو معيار لڳاتار بهتر ٿي رهيو آهي.

آمريڪي صدر سان رابطي بابت ڳالهائيندي فيفا صدر چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ سان لڳ ڀڳ روزانو رابطو رهندو آهي. اميد آهي ته ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ ٽرمپ سان گڏجي ٽرافي پيش ڪنداسين.

هن چيو ته ميزبان ملڪ جي صدر ۽ فيفا صدر طرفان گڏيل طور ٽرافي پيش ڪرڻ جي روايت رهي آهي.

You might also like