آءِ سي سي جي اجلاس ۾ ون ڊي ڪرڪيٽ کي 40 اوورن تائين محدود ڪرڻ بابت ڳالهه اڳتي نه وڌي سگهي، جڏهن ته ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ کي 12 ٽيمن تائين وڌائڻ تي به ڪو فيصلو نه ٿي سگهيو.
آءِ سي سي گڏيل رياستن آمريڪا (يو ايس اي) ڪرڪيٽ ۽ ڪرڪيٽ ڪينيڊا جي معطلي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ جي رپورٽ موجب آءِ سي سي جي سالياني اجلاس ۾ فرانس ڪرڪيٽ کي نوٽيس تي رکيو ويو، جڏهن ته ماريشس ڪرڪيٽ فيڊريشن کي ايسوسيئيٽ ميمبرشپ ڏني وئي.
رپورٽ موجب آءِ سي سي جي ڪل ميمبرن جو انگ وڌي 111 ٿي ويو آهي.
ٻئي طرف ورلڊ ٽيسٽ چيمپئن شپ کي 12 ٽيمن تائين وڌائڻ بابت آءِ سي سي اجلاس ۾ ڪو به فيصلو نه ٿي سگهيو، جڏهن ته ون ڊي ڪرڪيٽ کي 40 اوورن تائين رکڻ بابت به ڪا واضح ڳالهه سامهون نه آئي.
ڪرڪيٽ ويب سائيٽ موجب آءِ سي سي جو ساليانو اجلاس 8 جولاءِ کان 11 جولاءِ تائين ايڊنبرا ۾ ڪوٺايو ويو.