ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ سپر اسٽار عامر خان ٽئين شادي کان پوءِ هڪ ٻيو وڏو فيصلو ڪري ورتو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب عامر خان گذريل هفتي پنهنجي پراڻي دوست ۽ ڪاروباري ساٿي گوري سپراٽ سان ويجهن مائٽن ۽ دوستن جي موجودگي ۾ هڪ سادي تقريب دوران شادي ڪئي هئي.
هاڻي اطلاع آهن ته عامر خان ممبئي جي علائقي پالي هِل ۾ اهڙو رهائشي منصوبو ٺاهڻ جي رٿابندي ڪري رهيو آهي، جتي سندس خاندان جا لڳ ڀڳ سڀ ماڻهو هڪ ئي عمارت ۾ رهي سگهن.
رپورٽن موجب بيلا وسٽا ۽ مرينا اپارٽمنٽس نالي ٻن ويجهن رهائشي منصوبن کي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو.
عامر خان اڳ ئي بيلا وسٽا ۾ ڪيترن ئي اپارٽمنٽن جو مالڪ آهي، جڏهن ته هن نئين منصوبي ۾ وڌيڪ فليٽ خريد ڪرڻ لاءِ 100 ڪروڙ ڀارتي رپين کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي آهي.
ٻڌايو پيو وڃي ته انهن سمورن اپارٽمنٽن کي گڏ ڪري هڪ وڏي اسڪاءِ ولا تعمير ڪئي ويندي.
رپورٽن موجب عامر خان جي وڏي پٽ جنيد خان لاءِ هڪ الڳ منزل مخصوص ڪئي ويندي، جڏهن ته عامر خان، سندس گهرواري گوري سپراٽ ۽ گوري جي پهرين مڙس جي پٽ لاءِ ٻه منزلون رکڻ جو منصوبو آهي.
رپورٽن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته عامر خان پنهنجي ماءُ زينت حسين ۽ ڀينرن نڪحت خان ۽ فرحت خان لاءِ به ساڳي عمارت ۾ رهائش جو انتظام ڪري رهيو آهي.
ان کانسواءِ عامر خان جي اڳوڻي گهرواري ڪرن رائو ۽ سندس پٽ آزاد لاءِ به ساڳئي رهائشي منصوبي ۾ هڪ اپارٽمينٽ مخصوص ڪرڻ جون خبرون آهن.