يورپ ۾ ڪهر جي گرمي، جهنگن کي باهه، هزارين ماڻهو محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل

يورپي ملڪن ۾ سخت گرمي جي بدترين لهر دوران ٻيلن ۾ لڳل خطرناڪ باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ سوين فائر فائٽر جديد وسيلن سان لڳاتار ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته هزارين ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.

برطانوي ميڊيا موجب ڏکڻ فرانس جي ٻيلن ۾ لڳل باهه وڏي ايراضي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي چڪي آهي، جڏهن ته يونان ۽ اسپين ۾ به هر قسم جي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. يورپ ۾ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

رپورٽ موجب پرتگال، اسپين، فرانس ۽ يونان ۾ هيل تائين لڳ ڀڳ 42 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي باهه سبب سڙي تباهه ٿي چڪي آهي. باهه وسائڻ لاءِ سوين فائر فائٽر، خاص جهاز ۽ زميني وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن.

محتاط اندازي موجب متاثر علائقن مان هيل تائين 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. سخت گرمي سبب باهه تيزي سان پکڙجي رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي اهم پروگرام پڻ ملتوي ڪيا ويا آهن.

You might also like