بلوچستان ۾ ’آپريشن شعبان‘ جاري، وڌيڪ 4 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس پاران صوبي ۾ جاري آپريشن شعبان دوران تازي ڪارروائين ۾ وڌيڪ 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن.

سيڪيورٽي ذريعن موجب دهشتگردن خلاف علائقي ۾ زميني ۽ هوائي ڪارروايون جاري آهن. آپريشن شعبان دوران مارجي ويل دهشتگردن جو انگ 71 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 5 جولاءِ کان هيل تائين گڏيل طور 109 دهشتگرد ماريا ويا آهن.

ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ايم فور رائفلون، ايس ايم جيز، راڪيٽ لانچر، موبائل فون ۽ ٻيو سامان شامل آهي.

سيڪيورٽي ذريعن موجب بلوچستان ۾ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آپريشن شعبان جاري رهندو.

هوڏانهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته سيڪيورٽي ادارن جون گڏيل ڪارروايون قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ سندن پختي عزم جو اظهار آهن. هن آفيسرن ۽ جوانن جي بهادري ۽ پيشاوراڻين صلاحيتن کي به ساراهيو.

You might also like