دبئي کان اسلام آباد ويندڙ هڪ پرڏيهي ايئرلائن جي اڏام کي فني خرابي ٿيڻ سبب مسقط جي ويجهو کان واپس لاڙي، اڍائي ڪلاڪ کان گهٽ وقت ۾ محفوظ نموني دبئي ايئرپورٽ تي لاٿو ويو.
هوابازي ذريعن موجب جهاز اي ڪي 614 معمول مطابق دبئي کان اسلام آباد لاءِ روانو ٿيو هو، پر جهاز ۾ شروع ٿيڻ کان لڳ ڀڳ 35 منٽن کانپوءِ خليج عمان جي مٿان فني خرابي پيدا ٿي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول جي هدايت تي پائلٽ جهاز کي مسقط کان واپس موڙي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ بوئنگ 777 جهاز روانگي کان لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلاڪ پوءِ محفوظ نموني دبئي ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو.
اختيارين موجب جهاز کي وڌيڪ جاچ لاءِ گرائونڊ ڪيو ويو، جڏهن ته مسافرن کي ٻئي جهاز ذريعي اسلام آباد روانو ڪيو ويو.
ٻئي پاسي اسلام آباد کان دبئي ويندڙ واپسي واري جهاز پي ڪي 615 جي روانگي ۾ به ڇهن ڪلاڪن جي دير ٿي.