وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي قطر جو دورو ڪندو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف سڀاڻي قطر جو دورو ڪندو.

سرڪاري ذريعن موجب وزيراعظم قطر جي اڳوڻي امير شيخ حمد جي وفات تي قطري قيادت سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندو.

ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان پڻ ملاقات ڪندو. دوري دوران نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ٻيون اهم شخصيتون به وزيراعظم سان گڏ هونديون.

You might also like