اماراتي جهاز جي ڪراچي ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اماراتي ايئرلائن جي هڪ ڪارگو جهاز انجڻ ۾ اوچتو خرابي پيدا ٿيڻ سبب ڪراچي ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ڪئي.

پي اي اي ذريعن موجب ڪارگو جهاز جاپان جي شهر اوساڪا کان دبئي وڃي رهيو هو، جڏهن ته انجڻ ۾ خرابي اچڻ تي ڪپتان فوري طور ڪراچي ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول کان هنگامي لينڊنگ جي اجازت گهري. اي ٽي سي جي منظوري کان پوءِ جهاز محفوظ نموني ڪراچي ايئرپورٽ تي لهرايو ويو.

اختيارين موجب جهاز جي پائلٽ اڏام دوران خراب ٿيل انجڻ کي بند ڪري ڇڏيو هو، جنهن کان پوءِ جهاز هڪ ئي انجڻ تي اڏام جاري رکندي شام پنجين وڳي محفوظ نموني ڪراچي پهتو. اماراتي ايئرلائن جي انجنيئرنگ ٽيم ڪراچي ايئرپورٽ تي جهاز جي انجڻ جي جاچ ڪري رهي آهي، جڏهن ته انجنيئرن جي رپورٽ جي بنياد تي فيصلو ڪيو ويندو ته جهاز روانو ٿيندو يا نه.

پي اي اي اختيارين موجب جهاز سڀاڻي منجهند ٻارهين وڳي تائين ڪراچي ايئرپورٽ جي پارڪنگ ۾ بيهاريو ويندو. انجڻ جي خرابي ختم ڪرڻ لاءِ انجنيئرنگ ٽيم ڪم ڪندي، جڏهن ته جهاز جي عملي کي آرام لاءِ هوٽل منتقل ڪيو ويو آهي. جهاز ۾ ڪارگو سامان موجود آهي.

You might also like