ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي واشڪ جي علائقي ماشڪيل ۾ هٿياربندن هڪ دڪان تي ڪم ڪندڙ پنج مزدورن تي فائرنگ ڪري کين قتل ڪري ڇڏيو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب حملي ۾ مارجي ويل مزدورن ۾ محمد بلال، محمد حسن، محمد قدير، محسن ۽ بلال شامل آهن. حملي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسن علائقي جو گهيرو ڪري جوابدارن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.
پوليس موجب فائرنگ ۾ مارجي ويل پنجئي ڄڻا صوبي کان ٻاهر جا رهواسي هئا. ضروري قانوني ڪارروائي کان پوءِ سندن لاش اباڻن علائقن ڏانهن اماڻيا پيا وڃن، جڏهن ته واقعي جي جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي.
بلوچستان جي وڏي وزير جي صلاحڪار شاهد رند واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ماشڪيل ۾ فائرنگ سبب پنج ماڻهن جي موت انتهائي افسوسناڪ آهي. حڪومت واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
شاهد رند وڌيڪ چيو ته بيگناهه شهرين جي قتل ۾ ملوث جوابدار قانون جي گرفت کان بچي نه سگهندا، جڏهن ته حڪومت ڏک جي هن گهڙي ۾ متاثر خاندانن سان مڪمل همدردي جو اظهار ڪري ٿي.