تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني پاسداران انقلاب چيو آهي ته آمريڪي حملن جي جواب ۾ عمان جي بندرگاهه تي آمريڪي جهاز کڻندڙ ٻيڙن جي لاجسٽڪ سپورٽ مرڪزن تي حملو ڪيو ويو، جڏهن ته پيٽرول فراهم ڪندڙ پليٽ فارمن کي به تباهه ڪيو ويو.
بيان موجب قطر ۾ العديد هوائي اڏي تي بيلسٽڪ ميزائلن سان حملو ڪيو ويو، جتي جنگي جهازن جي مرمت، سار سنڀال، ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر کي نشانو بڻايو ويو.