تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي چيف ڳالهيون ڪندڙ ۽ پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته هڪ طرفي معاهدن جو دور ختم ٿي چڪو آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ هن آمريڪا کي مخاطب ڪندي چيو ته يا ته پنهنجي واعدن تي قائم رهو يا پوءِ ان جي قيمت ادا ڪريو، هاڻي حقيقتن کي منهن ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي.
هن آمريڪا سان ٿيل معاهدي جي شق نمبر پنج به شيئر ڪئي، جنهن موجب اسلامي جمهوريه ايران واپاري جهازن جي محفوظ گذر بابت انتظام ڪندو.